سويق غزوه

سويق غزوه (جنگ): مديني شريف ويجھو مسلمانن ۽ مشرڪن وچ ۾ ٿيل هڪ جنگ ’سويق‘ سڏجي ٿي. سويق يعنيٰ سَتُون، جيڪو جَوَ، ڪڻڪ يا سڪل ميون جي اٽي مان ٺهي ٿو. ان کان سواءِ شوربي کي به ‘سويق‘ سڏجي ٿو، جيڪو اٽي ۾ پاڻي وجھي ٺاهبو آهي. ’هريرو‘ جنهن ۾ ماکي، تيل يا ڏاڙهونءَ جو شربت ملائي ٺاهبو آهي، ان کي پڻ ’سويق‘ سڏجي ٿو.
بدر جي جنگ جو بدلو وٺڻ لاءِ ابو سفيان، ذوالحج سن 2 هجريءَ تي پاڻ سان سوارن جو لشڪر وٺي مديني شريف ڏانهن روانو ٿيو. مديني شريف جي ويجھو سندس ڪن مسلمانن سان جھڙپ ٿي، ان جھڙپ جو ٻڌي جڏهن حضور اڪرم صه جن مقابلي لاءِ پنهنجا جان نثار وٺي اتي پهتا، تڏهن ڪافر وٺي ڀڳا ۽ ڀڄندي پنهنجو سامان ۽ کاڌ، خوراڪ جيڪا ’سويق‘ جي شڪل ۾ هئي، اتي ئي ڇڏي ويا، جيڪا مسلمانن کنئي ان نسبت سان هن جنگ کي ’غزوه سويق‘ جي نالي سان ياد ڪيو وڃي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو